وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ سنڌي شعبو بند ڪرڻ جا سانباها

گلشن اقبال )رپورٽ: شفقت نوناري ) وفاقي اردو يونيورسٽي براءِ فنون سائنس و ٽيڪنالاجي جي رجسٽرار پاران 12 سيپٽمبر 2021 ع تي جاري ڪيل داخلا واري اخباري اشتهار ۾ مختلف شعبن ۾ ايم ايس، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي تحقيقي پروگرامن مان سنڌي مضمون کي خارج ڪيو ويو آهي، جنهن سبب سنڌي ٻوليءَ جي تحقيق واري پروگرام ۾ ڪو به شاگرد توڙي شاگردياڻي داخلا وٺي نه سگهندو اردو يونيورسٽي انتظاميا جي مسلسل تعصباڻي پاليسين سبب سنڌي ٻوليءَ جي تحقيق ۽ ترويج واري شعبي کي خطرو لاحق ٿي ويو آهي ۽ يونيورسٽي انتظاميا ڪنهن به وقت شاگردن جي داخلا نه هجڻ جو سبب ڄاڻائي سنڌي ٻوليءَ جو شعبو بند ڪري سگهي ٿي جڏهن ته ساڳئي يونيورسٽي گذريل سال سنڌي شعبي جي ايم فل داخلا ٽيسٽ ۾ پاس ٿيندڙ 40 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي داخلا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ پوءِ شاگردن جي مسلسل احتجاج بعد صرف 7 اميدوارن کي داخلا ڏني وئي هئي ۽ هن سال به ساڳئي روش دهرائي پئي وڃي. اردو يونيورسٽي پاران سنڌي ٻوليءَ کي جبري نيڪالي ڏيڻ تي ٻوليءَ جي گهڻ گهرن اديبن، شاعرن، استادن، شاگردن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته يونيورسٽي انتظاميه سنڌي ٻوليءَ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ختم ڪري سنڌي شعبي کي بند ڪرڻ واري سازش کي ٻنجو ڏي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.