ڪراچي ۾ سخت گرمي، سامونڊي هوائون بند

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ سخت گرمي سبب گرمي پد 39 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.  ان حوالي سان موسميات کاتي اڄ  کان 4 ڏينهن تائين جزوي هيٽ ويو جي شروعات جا امڪان ظاهر ڪندي چيو آهي ته جزوي هيٽ ويو 17 سيپٽمبر تائين جاري رهندو. جنهن ۾ وچولي گرمي پوندي جڏهن ته هن وقت سامونڊي هوائون مڪمل طور تي بند آهن.چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز چيو آهي ته شهر جو گرمي پد 40 ڊگري سينٽي  گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان آهي ان ڪري شهري وڌ کان وڌ احتياط ڪن ۽ ٿڌين شين جو استعمال ڪرڻ سان گڏوگڏ غير ضروري گهر مان ٻاهر نه نڪرن.سردار سرفراز چيو آهي ته 17 سيپٽمبر کان چوماسي جو اسپيشل ايندو جنهن سبب سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ برسات پوندي. چوماسي جون برساتون 2 کان 3 ڏينهن تائين جاري رهي سگهن ٿيون. پر ڪراچي ۾ وڌيڪ برساتن جو امڪان نه آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.