10 ھزار زبون حال اسڪولن جي اڏاوتن جا تفصيل پيش ڪيا وڃن: شميم نقوي

ڪراچي (رپورٽر) پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر فردوس شميم نقوي سنڌ اندر بند پيل 10 ھزار اسڪولن متعلق پنهنجي بيان  ۾ چيو آهي ته دنيا اندر عمارتن جي مضبوطي جي عمر 90 سال آهي، سنڌ حڪومت ٻڌائي ته انهن اسڪولن کي ڪھڙي سن ۾ تعمير ڪرايو. ھن سنڌ سرڪار کان انهن 10 ھزار زبون حال اسڪولن جي تعميراتي تفصيل پيش ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته ٻڌايو وڃي ته  اسڪولن جي مرمت لاءِ  ڪيتري بجيٽ رکي وئي آهي؟ اسڪولن جي بند هجڻ جو ڪوئي ٻيو سبب آهي ته سنڌ حڪومت اھو به ٻڌائي. ھن چيو ته ھونئن به سرڪاري اسڪولن جي عمارتن جون ڇتيون ڪري پونديون آهن ۽ ڀتيون بيٺل ھونديون آهن، ھڪ ڪمري وارن جي اسڪولن جي حالت پھريان کان ئي خراب آهي.  وزير تعليم سنڌ جي تعليم کي جيڪڏهن واقعي بھتر ڪرڻ چاھي ٿو ته اداري کي شفاف بڻائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.