ڪراچي ۾ حواله هنڊي ڪاروبار ۾ ملوث پيءُ پٽ گرفتار

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ ايف آءِ اي جي ڪارروائي، حواله هنڊي جي ڪاروبار ۾ ملوث پيءَ پٽ گرفتار، ايف آءِ اي جي ڪمرشل  بينڪنگ سرڪل خالد بن وليد روڊ تي ڪارروائي ڪئي،ترجمان موجب ڪارروائي دوران محمد ياسين ۽ سندس پٽ محمد ياسر کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن وٽان 5 ڪروڙ پاڪستاني رپيا، 34 هزار 300 ڊالر، 200 يورو، پرائيز بانڊ، زيور، موبائيل فون ۽ ليپ ٽاپ هٿ ڪيا ويا آهن،جوابدار پيءَ پٽ گھر ۾ حواله هنڊي جو ڪاروبار ڪندا رهيا آهن، سندن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.