جعلي داخلا تي اوٻاوڙو ڪاليج جي پرنسپل خلاف ڪيس جو حڪم

سکر(رپورٽر) ڄام مهتاب ڊگري ڪاليج اوٻاڙو ۾  2012 دوران داخلائن بابت داخل پٽيشن جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ ٿي گذري، ٻڌڻي دوران اينٽي ڪرپشن عملدارن عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته رشوت عيوض جعلسازي ذريعي غير مقامي اميدوارن کي داخلا ڏئي مقامي اميدوارن کي داخل کان محروم ڪيو ويو آهي، رپورٽ موجب 112 شاگردن کي رشوت عيوض داخلا ڏنا ويا، عدالت ڪالج جي هن وقت جي پرنسپل تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي داخلائن کي جعلي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، ياد رهي ته ضلعي گهوٽڪي جي تعلقي اوٻاڙو سان تعلق رکندڙ شاگردن پاران سال 2012 ۾ داخلا نه ملڻ تي عدالت سان رجوع ڪيو هو جنهن جو عدالت اڄ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.