فلاحي پلاٽ تي اڏاوت خلاف درخواست اڪلائجي وئي

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس عرفان سعادت خان جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ پي اي سي ايچ ايس سوسائٽي بلاڪ 2 ۾ فلاحي پلاٽ تي قبضي وارڪيس ۾ گرڊاسٽيشن تان غيرقانوني  اڏاوت خلاف ڪي اليڪٽرڪ جي درخواست جي ٻڌڻي دوران عدالت ۾ ايس بي سي اي پاران رپورٽ جمع ڪرائي وئي جنهن ۾ چيو ويو ته اڏاوت کي ڊاهي ڇڏيو آهي. عدالت ايس بي سي اي جي رپورٽ کان پوءِ درخواست اڪلائي ڇڏي آهي .عدالت وڪيل کي هدايت ڪئي ته رفاهي پلاٽ جي ٻئي پاسي غير قانوني اڏاوت خلاف  ٻي درخواست داخل ڪئي وڃي .03

فواد چوڌري ۽ اعظم سواتي الزام ثابت نه ڪيا يا غير مشروط معافي نه ورتي ته نااهل ٿي ويندا

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز ) حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن  ۾ تڪرار شدت اختيار ڪري ويو آهي ۽ اليڪشن ڪميشن  ٻن وفاقي  وزيرن فواد چوڌري ۽ اعظم سواتي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن، صحافي مطيع الله جان موجب هاڻي جيڪڏهن  ٻئي وفاقي وزير اليڪشن ڪميشن تي لڳايل الزام ثابت  نه ڪري سگهيا ته اليڪشن ڪميشن هڪ آئيني ادارو آهي جنهن کي  توهين عدالت جي الزام ۾ 6 مهينا سزا ڏيڻ جا اختيار آهن، جيڪڏهن وفاقي وزير الزام ثابت نه ڪري سگهيا يا غير مشروط معافي نه ورتائون ته سزا جي نتيجي ۾ نااهل قرار ڏنا ويندا.

پلاٽ ڪيس، ايم ڊي اي کان جواب طلب، اي اي جي تي ڪاوڙ

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس عرفان سعادت خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ شهيد بينظير آباد ۽ ملير ڊولپمنٽ اٿارٽي ۾ سرڪاري زمينون غير قانوني الاٽ ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت  اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جي آفيس عدالتي حڪم جي باوجود جواب جمع نه ڪرايو آهي .عدالت ۾ اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته اسان خط لکيو پرهن مهل تائين جواب نه مليو آهي. جسٽس عرفان سعادت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته خط لکڻ کان پوءِ فالو اپ ڪير ڪندو. ادارن کي خط لکڻ کان پوءِ اوهان جي ذميواري ختم نٿي ٿي وڃي .عدالت ٻن هفتن ۾ ملير ڊوپليمنٽ اٿارٽي سميت ٻين کان جواب گهري ورتو آهي. درخواستگذار جي وڪيل احمد علي گهمري چيو ته منهنجي اصيل 1997ع ۾ پلاٽ بڪ ڪرايو . 03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.