نيب جاچ طريقيڪار ۽ قانون بابت جواب تي هاءِ ڪورٽ کي بي اعتمادي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نيب جي جاچ ، طريقي ڪار۽ قانون ٺاهڻ جي حوالي سان ايڊووڪيٽ طارق منصور جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي .نيب عملدار عدالت ۾ رولز ٺاهڻ جي حوالي سان رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي .درخواستگذار جو چوڻ هو ته نيب  گذريل ڏينهن رولز تيار ڪري صدر پاڪستان کي موڪليا آهن. نيب عدالت کي گمراهه ڪري رهي آهي.نيب جي وڪيل چيو ته گهروکاتي ۽ قانون کاتي ڪجهه ڊرافٽ تي اعتراض ڪيو آهي..عدالت نيب جي جواب تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي قانون کاتي کان جواب گهري ورتو آهي03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.