“5 هزارن جي ڊيسڪ جا 29 هزار” تعليم کاتي ۾ ڪرپشن تي ٽي آءِ پي جو وڏي وزير کي خط

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ اسڪولن کي سامان ڏيڻ جي  ڪم ۾ گهوٻين تي ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل به معاملو اٿاري ڇڏيو، 5 هزارن جي ڊيسڪ 29 هزار رپين ۾ وڪرو ٿيڻ تي وڏي وزير کي خط لکي ڇڏيو.  ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پاڪستان سنڌ جي وڏي وزير کي خط ۾ شڪايت ڪئي آهي ته سنڌ جي تعليم کاتي ۾ اها ڊيسڪ 320 سيڪڙو وڌيڪ قيمت تي خريد ڪري رهيو آهي. جنهن سبب قومي ناڻي کي نقصان ٿي رهيو آهي.سيد مراد علي شاهه کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته صوبي جا اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ 10 جون 2021ع تي صوبي جي اسڪولن ۾ ڊيسڪن جي سپلاءِ ۽ ڊليوري لاءِ چار ٺيڪا ڏنا. جنهن جي ماليت پنج ارب روپيه آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته هڪ ڊيسڪ جي قيمت 23 هزار 985 روپين کان 29 هزار 500 روپيه ٽيڪس سان گڏ رکي وئي  آهي. ٽي آءِ پي چيو آهي ته ايتري وڏي تعداد ۾ ڊيسڪن جي خريداري لاءِ اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ 2 سال اڳ يعني 17 فيبروري 2019 ع تي به اهڙو ئي ٺيڪو جاري ڪيو ويو هو. ان حوالي سان ايندڙ واڪن ۾ هڪ ڊيسڪ جي وڌ کان وڌ قيمت 5700 روپين کان 6860 روپيه ٽيڪس سميت هئي. پر تعليم کاتي اڻڄاڻ سببن جي بنياد تي گهٽ قيمت تي ٺيڪا نه ڏنا.ٽي آءِ پي چيو ته 5700  روپين جي في ڊيسڪ جي قيمت جو 23 هزار 985 روپيه في ڊيسڪ سان ڀيٽ ڪئي وڃي ته خبر پوندي ته 320 سيڪڙو اضافي قيمتن تي نئون ٺيڪو ڏنو ويو آهي. جنهن سان قومي ناڻي کي 3.3 ارب روپين جو نقصان ٿيندو. ٽي آءِ پي جي خط ۾ چيو ويو آهي ته اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ انجنيئرنگ جي انتهائي مهانگي قيمت(24500 في ڊيسڪ) لڳائي آهي. حالانڪه اوپن ٻولي ۾ ڏسون ته مارڪيٽ جي قيمتن موجب تعليم کاتي کي ڏنل قيمتن ۾ ٻڌايو ويو هو ته ڊيسڪ جي قيمت صرف 6860 روپيه آهي.  ٽي آءِ پي  سنڌ جي وڏي وزير کي چيو آهي ته جيڪڏهن قيمتن ۾ ساليانو 10 سيڪڙو اضافي جو خيال به ذهن ۾ رکيو وڃي. ته ڊيسڪ جي قيمت 9 هزار روپيه ٺهي ٿي ۽ اها قيمت اڍائي سالن جي مهانگائي جي باوجود آهي. ٽي آءِ پي سنڌ جي وڏي وزير کان مطالبو ڪيو آهي ته اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ جي آفيسرن ۽ ٺيڪيدارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.