اليڪشن ڪميشن پاران اعظم سواتي ۽ فواد چوڌري کان ثبوت طلب، نوٽيس جاري ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان الزامن تي وفاقي وزيرن فواد چوڌري ۽ اعظم سواتي کي نوٽيس ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو، پڌرائيءَ موجب چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن ميمبرن نثار دراني، شاهه محمد جتوئي ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي،اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر تي الزامن تي سڌ سماءَ واري وزير فواد چوڌري ۽ ريلوي واري وزير اعظم سواتي ي نوٽيس ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته اعظم سواتي کان الزامن تي ثبوت گهرڻ جو فيصلو به ڪيو ويو،پڌرائيءَ ۾ چيو ويو ته فواد چوڌري پريس بريفنگ ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر تي الزام هنيا،اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٻنهي وزيرن کي نوٽيس جاري ڪيا ويندا ته جيئن وڌيڪ ڪارروائي ڪري سگهجي،واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي معاملي تي سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ وفاقي وزير اعظم سواتي اليڪشن ڪميشن تي الزام هڻندي چيو هو ته ادارو حڪومت جو مذاق اڏائي رهيو آهي، اليڪشن ڪميشن سدائين ڌانڌلي ڪندي آهي، توهان دوزخ ۾ وڃو، اهڙن ادارن کي باهه ڏئي ڇڏيو، پوءِ وفاقي وزير فواد چوڌري پڻ پريس ڪانفرنس ۾ اليڪشن ڪميشن تي الزام هنيا هئا، ٻئي پاسي چيف اليڪشن ڪمشنر ٻن ميمبرن تي مشتمل هڪ بئنچ جوڙي آهي جيڪا پي ٽي آءِ جي سينيٽر فيصل واوڊا پاران 2018ع جي چونڊن ۾ پنهنجي ٻٽي شهريت لڪائڻ خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي، اڄ ان درخواست جي سماعت نثاراحمد دراني ۽ شاهه محمد جتوئي تي ٻڌل بئنچ ڪندي، اليڪشن ڪميشن جي اڳوڻي سيڪريٽري ڪنور دلشاد بي بي سي کي ٻڌايو ته جيڪڏهن وفاقي وزيرن اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف لڳايل الزامن جا ثبوت فراهم نه ڪيا ته آئين جي آرٽيڪل 63 ون جي تحت توهين عدالت جي قانون 204 تحت انهن خلاف ڪارروائي ڪري کين قصور وار قرار ڏئي سگهجي ٿو،چيف اليڪشن وٽ به سپريم ڪورٽ جي جج جيترا اختيار آهن، هن چيو ته وزير توهين عدالت جا ذميوار نڪتا ته ايندڙ 5 سالن لاءِ نااهلي ٿي ويندي، هوڏانهن وفاقي وزير اطلاعات فواد چوڌري ٽوئيٽر تي لکيو ته اليڪشن ڪميشن جو احترام پنهنجي جاءِ تي پر شخصيتن جي سياسي ڪردار تي ڳالهه ڪرڻ پسند ناهي ته پنهنجو ڪنڊڪٽ غيرسياسي رکو، نوٽيس آيو ته تفصيلي جواب ڏينداسين، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي اداري طور مڃيل حيثيت آهي پر شخصيتون غلطي کان پاڪ ناهن ۽ تنقيد شخصيتن جي ڪنڊڪٽ تي ٿيندي آهي، اداري تي نه،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.