پارلياماني ميمبرن جي پگهارن ۾ واڌ جي سمري رد

اسلام آباد (م ڊ ) وفاقي ڪابينا پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۾ واڌ واري سمري کي رد ڪري ڇڏيو آهي.رپورٽ موجب وزيراعظم عمران  خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ 14 نڪتن تي ٻڌل ايجنڊا تي غور ڪيو ويو. اجلاس دوران 20 ريگوليٽري اٿارٽي جي چيئرمين ۽ ميمبرن جي معاوضن تي رپورٽ پيش ڪئي وئي. نئين رويت هلال ڪميٽي جي لاءِ قانونسازي، هيوي ڪمرشل گاڏين تي ايڊيشنل ڪسٽم ڊيوٽيز ۾ گهٽتائي، پينل سرچارج جو خاتمو، ديامرڀاشا ڊولپمينٽ ڪمپني جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي نئين سري سان جوڙجڪ جي منظوري جو معاملو به غور هيٺ آيو. ذريعن ٻڌايو آهي ته وفاقي ڪابينا  پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۾ واڌ جي سمري کي رد ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته پارلياماني معاملن واري وزارت پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۾ واڌ جي سمري منظوري لاءِ ڪابينا کي اماڻي هئي، جنهن جي تحت پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۾ واڌ ايڊهاڪ ريليف الائونس جي مد ۾ ڪرڻو هو اهڙي طرح سينيٽ چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين،  قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر،جي پگهارن ۾ واڌ ٿيڻي هئي. پر وفاقي ڪابينه اها سمري رد ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.