چوڌري نثار پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿي سگهي ٿو: ذريعا

 اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) سينئر صحافي شاڪر سولنگي چيو آهي ته اڳوڻو وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار باقاعده منظرعام تي اچي ويو آهي،سندس باري ۾ خبرون هلن ته اهو سمجهيو وڃي ته هو پاڻ اهڙيون خبرون ڏياري رهيو آهي،  سوال اهو آهي ته ڇا هو 30 سالن کان ن ليگ سان پنهنجي رفاقت قائم رکندو يا ڪا ٻي پارٽي جوائن ڪندو، پنهنجي وي لاگ ۾ هن چيو ته ڪڏهن خبرون هونديون آهن ته پي ٽي اءِ ۾ وڃي رهيو آهي، ڪڏهن ن ليگ ۾ واپسي جي خبر هلندي آهي، هو خبرن ۾ ڇو اِن ٿيو آهي، هو هن وقت ٽه واٽي تي بيٺل آهي،مونجهاري جو شڪار لڳي رهيو آهي،  ذريعن جو خيال آهي ته چوڌري نثار پنهنجي پارٽي  ٺاهي سگهي ٿو،پنهنجي ساٿين سان مشورا شروع ڪيا آهن، ذريعن موجب سندس ترجيح هن وقت به اها آهي ته نوازشريف سان صلح ڪئي وڃي،ان خواهش جو هو ڀلي اظهار نه ڪري،  تازو چوڌري نثار هڪ انٽرويو ۾ پنهنجي سخت مخالف آصف علي زرداري کي نمبر ون سياستدان قرار ڏنو هو،جنهن تي تجزئي نگار به حيران آهن،  تجزئي نگارن جو خيال آهي ته چوڌري نثار مريم نواز جي هوندي ن ليگ ۾ ٻيهر شموليت نه ڪندو، هو جيڪڏهن واپس آيو ته مريم نواز لاءِ اسپيس نه رهندو، هو سندس راهه ۾ رڪاوٽ آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ ۾ آيو ته اتي سيڪنڊ پوزيشن قبول نه ڪندو، آصف زرداري سان هن جي انڊراسٽينڊنگ بلڪل ناهي، سندس مزاج سياسي پارٽي هلائڻ وارو به ناهي، نوازشريف ۽ شهبازشريف سان گڏ هلي سگهي ٿو، هو پنهنجي ذات ۾ پاڻ بادشاهه آهي، هو عمران خان جي قيادت ۾ به ڪم نٿو ڪري سگهي، دوستي ته نڀائي سگهي ٿو پر پارٽي ۾ سڪينڊ قيادت جي حيثيت سان چار ڏينهن به نٿو هلي سگهي ٿو، هن چيو ته نوازشريف چوڌري نثار جو نالو ٻڌڻ لاءِ به تيار ناهي، ڪجهه ماڻهن نوازشريف سان رابطو ڪري چوڌري نثار سان صلح لاءِ ڪوششون به ڪيون پر نوازشريف ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، اهو به چيو پيو وڃي ته چوڌري نثار پ پ ۾ شموليت لاءِ گنجائش پيدا ڪري رهيو آهي،ايندڙ عام چونڊن کان اڳ هو پنهنجا پتا شو ڪندو، وڌيڪ امڪان آهي ته پي ٽي آءِ ۾ وڃي رهيو آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.