پنجاهه سيڪڙو حاضري سان 16 سيپٽمبر کان تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان

اسلام آباد ( م ڊ) وفاقي سرڪار 16 سيپٽمبر کان 50 سيڪڙو حاضري سان گڏ تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اسد عمر چيو آهي ته ڪورونا جي چوٿين لهر ۾ لاڳيتو گهٽتائي اچي رهي آهي. 50 سيڪڙو مسافرن سان پبلڪ ٽرانسپورٽ به کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته خميس کان تعليمي ادارا به کوليا ويندا. ان حوالي سان اين سي او سي(نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر) ۾ اسد عمر نيوز ڪانفرنس ڪندي چيو ته 24 مان 10 ضلعن ۾ ڪورونا صورتحال ۾ بهتري آئي آهي. 6 ضلعن ۾ 22 سيپٽمبر تائين بندشون قائم رهنديون. ان ضلعن ۾ لاهور، فيصل آباد، ملتان، سرگوڌا، گجرات ۽ بنون شامل آهن. هن چيو ته پارڪ ۽ جم مڪمل ويڪسينيٽيڊ ماڻهن لاءِ کوليا ويندا. آئوٽ ڊور ڊائننگ جو ٽائيم رات جو 12 وڳي تائين ڪيو ويو آهي.اسد عمر چيو ته مڪمل ڊوز ويڪسين نه لڳرائڻ تي 30 سيپٽمبر کان پوءِ مختلف هنڌن تي داخلا ۽ سرگرمين تي پابندي هوندي. ڪاروبار مٿان بندشون نه پيا لڳايون پر جن ماڻهن ويڪسين ناهي لڳرائي انهن مٿان بندشون لڳايون وينديون. عوام ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ ويڪسين لڳرائي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.