پنجاب ۾ ليگي اڳواڻن جي لسٽ بڻائڻ جي تياري

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ ن پنجاب جي ترجمان عظميٰ بخاري چيو آهي ته منهنجي علم ۾ آيو آهي ته ڪنٽونمينٽ بورڊ چونڊن ۾ شڪست  کانپوءِ حڪومت پاران ليگي اسيمبلي ميمبرن جي لسٽ بڻائي وئي آهي، ذريعن مطابق ليگي اڳواڻن جون لسٽون قبضا مافيا، ڏوهاري ماڻهن سان مبينه تعلق تي بڻائي وئي آهي، اسيمبلي ميمبرن جا فائل اينٽي ڪرپشن، ايف آءِ اي ۽ نيب اختيارين کي موڪلڻ جو فيصلو ٿيو آهي،انهن لسٽن ۾ ن ليگ جو ايم اين اي سعد رفيق، مهر اشتياق، ملڪ رياض، افضل کوکر، راڻا مبشر۽ وحيد عالم جا نالا شامل آهن، جڏهن ته غزالي سليم بٽ، عمران نذير، چوڌري شهباز، سلمان رفيق، مجتبيٰ شجاع الرحمان، سيف الملوڪ کوکر، راڻا مشهود جا نالا به شامل آهن،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.