ڊالر ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو

ڪراچي (م ڊ ) انٽر بئنڪ ۾ ڊالر ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو. رپورٽن موجب ڪاروبار دوران هڪ موقعي تي انٽر بئنڪ ۾ هڪ ڊالر 90 پئسا مهانگو ٿي 169 رپين تائين پهچي ويو. ڪاروبار جي پڄاڻي تي  به ڊالر تاريخ جي بلند ترين سطح تي بند ٿيو، انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 84 پئسا مهانگو ٿي 168.94 رپين جو ٿي ويو آهي. هلندڙ مالي سال دوران هيل تائين ڊالر جي قيمت تقريبن 11 رپيا 46 پئسا وڌي چڪي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.