سنڌ ۾ ڪمند اگهه ۽ آڪٽوبر ۾ ملون هلائڻ تي اتفاق نه ٿيو

ڪراچي( رپورٽر)  سنڌ ۾ ڪند اگهه ۽ شگر ملون هلائڻ تي اتفاق نه ٿي سگهيو.  آبادگارن 250 رپيا رکڻ جو مطالبو ڪيو جڏهن ته  شگر مل مالڪن 220 رپين کان وڌيڪ اگهه ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾  زراعت کاتي واري صلاحڪار منظور وساڻ جي صدارت ۾ اجلاس ٿي گذريو. اجلاس ۾ بورڊ جي ميمبر ايم پي اي سيد ذوالفقار علي شاهه، سيڪريٽري زراعت عبدالرحيم سومرو، زراعت کاتي جا ڊي جي جيز، سنڌ آبادگار بورڊ، سنڌ چيمبرآف ايگرڪلچر ۽ پاسما جا عملدار شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ڪمند جي قيمت مقرر ڪرڻ ۽ وقت تي شگر مليون هلائڻ ۽ آبادگارن جي مسئلن بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. آبادگار تنظيمن پاران ڪمند جو اگهه في مڻ 250 رپيا ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي. پاسما پاران 220رپين کان مٿي اگهه مقرر ڪرڻ وارو فيصلو قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو. آبادگار اڳواڻ محمود شاهه چيو ته اسان 250 رپين کان گهٽ اگهه نه وٺنداسين. پاسما طرفان احمد ڀاواني، احمد حشام ۽ ٻيا پڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. ان موقعي تي صلاحڪار منظور حسين وساڻ ڳالهائيندي چيو ته ھلندڙ مھيني ان لاءِ جلدي اجلاس گهرايو آهي ته جيئن ڪمند جو مسئلو حل ڪري سگهجي،ڪمند جي آبادگارن ۲۵۰ روپيا في مڻ قيمت مقرر ڪرڻ ۽  شگرملز آڪٽوبر ۾ هلائڻ جي تجويز ڏني آهي، پاسما ۲۲۰ روپيا مقرر ڪرڻ جون تجويزون ڏنيون آهن. منظور وساڻ چيو سنڌ کي حصي جو پاڻي نه ڏيڻ سبب ڪمند سميت ڪيترن ئي فصلن کي ڪافي نقصان پهتو آهي. ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ کنڊ جو ذخيرو  موجود آهي پر وفاقي حڪومت ڄاڻي واڻي ٻاهران گهرائي پئي. 03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.