اشتياق بيگ جي درخواست تي زوهيب حسن کي نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس حسن اظهر رضوي جي سنگل بئنچ گلوڪاره نازيه حسن جي مڙس مرزا اشتياق بيگ ان جي  ڀاءُ زوهيب حسن جي خلاف هڪ ارب روپيه هرجاڻي جي دعويٰ جي ٻڌڻي دوران زوهيب حسن کي 7 آڪٽوبر جا نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪيو آهي .درخواستگذار مرزا اشتياق بيگ طرفان داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته زوهيب حسن خانگي  ٽي وي چينلن کي ڏنل انٽرويو ۾ منهنجي مٿان ڪوڙا الزام لڳايا ۽ توهين جوڳي لهجي ۾ ڳالهيون ڪندو رهيو. مرزا اشتياق بيگ چيو ته نازيه حسن ڊگهي عرصي تائين ڪينسر ۾ مبتلا هئي پر زوهيب حسن انٽرويو ۾ نازيه حسن جي موت کي غير فطري قرار ڏنو. 03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.