خانواهڻ ۾ ڪٺور دل پيءُ ماني دير سان ملڻ تي ڌيءَ کي ڪهاڙيون هڻي ماري وڌو

خانواهڻ (ن ع آ) خانواهڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدالله راجپوت ۾ ماني دير سان پچائڻ تان جنوني پيءَ عبدالجبار راجپوت ڪهاڙين جا وار ڪري  پنهنجي 14 ورهين جي نوجوان مقدس راجپوت کي قتل ڪري ڇڏيو اهڙو اطلاع ملڻ تي خانواهڻ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ ورتو ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ ڪنڊيارو اسپتال پهچايو ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته جنوني پيءُ ماني دير سان پچائڻ تي مڇرجي پنهنجي ڌيء مقدس راجپوت تي ڪهاڙين جا لڳاتار وار ڪيا. جنهن جي نتيجي ۾ هو ٿڏي تي مارجي وئي. سندس دانهن تي ان جي امڙ ۽ ڀيڻ کيس بچائڻ لاءِ پهتيون ته جنوني جوابدار مٿن به حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جن ڀڄي پنهنجي جان بچائي جڏهن ته قاتل جبار راجپوت ڪهاڙي لهرائيندو فرار ٿي ويو. جنهن کي بعد ۾ خانواهڻ پوليس گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او خانواهڻ ٻڌايو ته جنوني پيءُ جبار راجپوت ماني دير سان پچائڻ تي پنهنجي نوجوان ڌيء کي قتل ڪيو آهي. ٻئي پاسي قتل ٿي ويل مقدس راجپوت جو لاش پوسٽ مارٽم بعدوارثن حوالي ڪيو ويو.  ڊاڪٽر صدف ٽانوري ٻڌايو ته مارجي ويل نوجوان ناريء کي ڪنڌ ۾ ڪهاڙيون لڳل آهن. جڏهن ته مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.