تعليم کاتي جي آفيسرن تي سوکڙيون وٺڻ تي پابندي

ڪراچي(م ڊ) سنڌ جي تعليم کاتي جي آفيسرن تي اجرڪ ۽ ٽوپين سميت ڪنهن به قسم جا تحفا وٺڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي، تعليم کاتي جي سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري هڪ حڪم نامو جاري ڪندي کاتي جي سمورن آفيسرن کي تحفا وٺڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.  حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته تعليم کاتي جا آفيسر پنهنجي ساٿين يا وزيٽرز کان اجرڪ ۽ ٽوپين سميت ڪنهن به قسم جا تحفا وصول نه ڪن. جيڪڏهن ڪنهن به حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي ته ان خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.