ڊرگهه بالا ڀرسان ڪھاڙين جا وار ڪري نينگر قتل

ڊرگهه بالا (ن ع آ) ڊرگهه بالا ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪنڊو ٻٻر ۾ 15 ورهين جي مبارڪ پٽ جمن بڊاڻي ٻٻر کي اڻڄاتل جوابدارن ڪھاڙين جاوار ڪري قتل ڪري ڇڏيو، ڊرگهه بالا پوليس واردات واري هنڌ پھچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ جوھي اسپتال موڪليو. واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيو، پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي، پوسٽ مارٽم بعد مڙهه گھر  پهچڻ تي ڪھرام مچي ويو، امڙ ۽ پيءُ کي بيھوشي جا دورا پوندا رهيا، علائقي ۾ خوف ڇانئجي ويو. هر اک آلي ٿي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.