واپڊا جي لاپرواھي، ڪنري ۾ 2 هاري حياتي وڃائي ويٺا

ڪنري (رپورٽ: وسرام چند مڪواڻا) واپڊا سب ڊويزن نئون ڪوٽ جي عملدارن جي لاپرواھي ۽ نااھلي سبب ڪنري ڀرسان دڙيلو موري جي  ڳوٺ پيارو خان چانڊيو ۾ گھرن جي ڀرسان ٻنيءِ ۾ ڪپهه جي فصل ۾ پورھيو ڪندڙ ٻن هارين 50 ورھين جو محمد اشرف چانڊيو ۽ 35 ورھين جو عبدالطيف چانڊيو بجلي جي 11 ھزار وولٽيج جي تارن ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب وچڙي سڙي فوت ٿي ويا. اطلاع تي آسپاس جا ڳوٺاڻا ۽ پوليس پڪٽ پڪوموڙ جي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي وئي. وارث لاش گھر کڻائي ويا. واقعي بعد دڙيلو ۾ شٽربند ھڙتال ڪري احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. فوتي پورھيتن جي وارثن دودو چانڊيو، آدم چانڊيو، ڪريمان، لائق، لال خان، داڻو شاھ بيگ چانڊيو، خان محمد چانڊيو ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانھيندي الزام ھنيو ته بجلي جون تارون گذريل 6 مھينن کان زمين تي پيل آھن. جنھن جو اسان واپڊا جي عملدارن ايس ڊي او واپڊا، ايڪسيئن ۽ ٻين کي بار بار شڪايتون ڪيون پر تارون درست نه ڪرڻ سبب ڪالهه اسان جا 2 ڄڻا فوت ٿي ويا آھن. ٻئي پاسي واپڊا ايڪسيئن ڊگھڙي اختيار ميمڻ واقعي جو نوٽيس وٺندي ٻن لائن سپريڊينٽ فلڪ ناصر ۽ منور احمد کي معطل ڪري ڇڏيو آھي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.