دتا خيل ۾ پاڪ فوج جو آپريشن، 2 دهشتگرد مارجي ويا، هٿيار هٿ

دتاخيل(م ڊ) اتروزيرستان ۾ پاڪ فوج جي آپريشن دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا، آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج دتا خيل ۾ دهشتگردي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته دهشتگردن جي ٺڪاڻن تان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

احتساب عدالت۾  راجا پرويز اشرف ۽ ٻين جي  بريت درخواست رد

اسلام آباد (اي پي پي) احتساب عدالت جي جج محمد بشير جي عدالت اوگرا جي اڳوڻي چيئرمين توقير صادق جي غيرقانوني مقرري واري ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف، اڳوڻي سيڪريٽري  سڪندر حيات ميڪن ۽ اڳوڻي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر اوگرا جاويد نذير جي بريت لاءِ داخل درخواستون رد ڪرڻ جو حڪم ٻڌائي ڇڏيو، اڱاري ڏينهن ٻڌڻي دوران عدالت وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ تي محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائيندي راجا پرويز اشرف سميت سڀني جوابدارن خلاف ٽرائل جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،

سنڌ اسيمبلي اجلاس ڪورم پورو نه هئڻ سبب شروع ٿيڻ کان بغير ملتوي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسمبلي جو اجلاس ڪورم پورو نه هجڻ سبب شروع ٿيڻ بغير ئي جمعي تائين ملتوي ڪيو ويو، ڪالهه سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني مقرر وقت صبح 10 وڳي کان هڪ ڪلاڪ دير اجلاس جي صدارت ڪرڻ لاءِ ايوان ۾ پهتو ته ايوان ۾ حڪومتي  توڙي اپوزيشن ميمبرن جون سيٽون خالي هيون، جنهن تي اسپيڪر ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته مان هڪ ڪلاڪ تائين پنهنجي چيمبر ۾ ويٺو آهيان پر ميمبر نه اچي سگهيا آهن، ڪالهه اهو طئه ٿيو هو اجلاس صبح جي وقت سڏايو وڃي، سمورا ميمبر وقت تي اچي ويندا، ڪجهه ئي لمحن کانپوءِ اسپيڪر اجلاس جمعي ڏينهن صبح 10 تائين ملتوري ڪندي پنهنجي سيٽ تان اٿي هليو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.