عمر شريف جي علاج لاءِ ايئرايمبولنس جو بندوبست، 4 ڪروڙ رپيا جاري

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي سنڌ حڪومت مشهور ڪاميڊين اداڪار عمر شريف کي علاج لاءِ  آمريڪا اماڻڻ لاءِ هڪ ايئر ايمبولنس جو بندوبست ڪرڻ سان گڏ سندس علاج لاءِ 4 ڪروڙ  جاري ڪري ڇڏيا آهن،  عمر شريف جي وارثن جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب يقين ڏياريو آهي ته حڪومت عمر شريف کي ويزا حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪندي. عمر شريف جي زال زرين عمر شريف تصديق ڪئي آهي ته عمر شريف کي ايئر ايمبولينس ذريعي علاج لاءِ واشنگٽن اماڻيو ويندو. عمر شريف جي پٽ جواد سنڌ سرڪار جو ٿورو مڃيندي چيو ته عوام عمر شريف جي صحتيابي لاءِ ِ دعا ڪري. واضح رهي ته اداڪار عمر شريف ڪجهه عرصي کان بيمار آهي. هو دل جي تڪليف ۾ مبتلا آهي. ڪالهه ڪراچي ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ وفاقي وزير فواد چودري پڻ عمر شريف سان ملاقات ڪري طبيعت معلوم ڪئي ۽ وفاقي حڪومت پاران سندس علاج لاءِ هڪ بورڊ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ھو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.