بلوچستان جي وڏي وزير خلاف عدم اعتماد جي رٿ

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي وڏي وزير جي وڏ وزارت خطري ۾ اچي وئي، وڏي وزير جام ڪمال خلاف اسيمبلي ميمبرن عدم اعتماد جي رٽ آڻي ڇڏي آهي، ميڊيا موجب 16 اسيمبلي ميمبرن عدم اعتماد جي رٿ آندي، ذريعن موجب 16 ميمبرن جي صحيحن سان عدم اعتماد جي رٿ سيڪريٽري اسيمبلي وٽ جمع ڪرائي وئي آهي. هواڏانهن بي اين پي اڳواڻ نصيرالدين شاهواڻي چيو آهي ته هر شخص چاهي ته بلوچستان جو ڏو وزير ڄام ڪمال هليو وڃي.

ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ في تولو 400 رپيا واڌ

ڪراچي(م ڊ) ملڪ ۾ سون جي في تولو قيمت ۾ 400 روپيا اضافو ٿي ويو آھي،سنڌ صرافا بازار جيولرز ايسوسيئيشن موجب 400 جي اضافي کانپوءِ ملڪ ۾ ھڪ تولي سون جي قيمت ھڪ لک 12 ھزار 700 روپيا ٿي وئي آھي،10گرام سوني جي قدر 342 روپين جي اضافي سان 96 ھزار 622 روپيا ٿي وئي آھي،صرافا بازار جيولرز ايوسيئيشن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قدر 4 ڊالر کان گھٽجي ھڪ ھزار 787 ڊالر في اونس آھي،

پنج شير تي طالبان جي ڪنٽرول کانپوءِ ڀارت پريشان

اسلام آباد(م ڊ) پنج شير وادي تي طالبان جي ڪنٽرول کي افغانستان ۾ ڀارت جي تابوت تي آخري ڪوڪو قرار ڏنو پيو  وڃي جتي پاڪستان کي غيرمستحڪم ڪرڻ لاءِ ان جي افرادي قوت ۽ مالي لحاظ کان گهڻي سيڙپڪاري جا رستا آخرڪار کليا آهن، تجزئي نگارن مطابق خطي جي امن ۾ خلل وجهڻ جي ”گريٽ گيم“ جي اهم ڌر جي حيثيت سان ڀارت طالبان جي افغانستان تي تيزي سان ڪنٽرول کان پوءِ حيران ۽ پريشان ٿي ويو آهي، هاڻي ڀارت لاءِ پاڪستان خلاف افغان سرزمين جو استعمال تقريبن ناممڪن بڻجي چڪو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.