ڪينٽونمينٽ چونڊ نتيجن کي نواز شريف پنهنجي موقف جي فتح قرار ڏنو

لاهور (عوامي آواز نيوز) ملڪ ۾ تازو ڪينٽونمينت جي چونڊن ۾ (ن) ليگ جي ڪاميابيءَ  کي ميان نواز شريف پنهنجي موقف جي سوڀ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. جڏهن ته وزيراعظم عمران خان کي ڦيراٽيون اچي ويون آهن ۽ پارٽي اڳواڻن کان ناڪاميءَ جي سببن جي رپورٽ گهري ورتي آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شير زمان چونڊ نتيجن کي انجنيئرڊ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. نوجوان صحافي امداد سومري پنهنجي تجزياتي وي لاگ ۾ چيو آهي ته  ڪينٽونمينٽ چونڊن جي نتيجن کانپوءِ پي ٽي آءِ  هاڻي مڪاني چونڊن ڪرائڻ کان به لنوائڻ يا ڀڄڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، هوڏانهن پرويز رشيد جو چوڻ آهي ته ڪينٽونمينٽ  چونڊن ۾” قيدين انتقامين “  کي شڪست ڏني آهي. اهڙي صورتحال کانپوءِ بهرحال پي ٽي آءِ کي موقعو مليو آهي ته پنهنجي ڪارڪردگيءَ جو نئين سر جائزو وٺي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.