نوازشريف ڪنٽونمينٽ نتيجن تي خوش، ايندڙ عام چونڊون شفاف بڻائڻ لاءِ تياريون

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) تجزئي نگار عمران شفقت چيو آهي  ته نوازشريف سينئر صحافين سان ملاقات ڪئي، هو ڪنٽونيمينٽ بورڊ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي شڪست ۽ ن ليگ جي ڪاميابي تي خوش آهي، سندس موقف آهي ته اها سندس بيانئي جي سوڀ آهي، پنهنجي وي لاگ ۾ هن چيو ته ان تي نوازشريف کي خوش نه هئڻ گهرجي ان جو سبب به آهي، اهي چونڊون اهڙي سطح جون آهن جن سان ڪو به فرق نٿو پوي، پاڪستان ۾ جيڪي قوتون چونڊن تي اثر رکن ٿيون، بلڪه ڪڏهن ڪڏهن ته اقتدار حوالي ڪرڻ کان به انڪار  ڪن ٿيون، ان معاملي تي ته اسان جو ملڪ به ٽٽي چڪو آهي، هن چيو ته شيخ مجيب به چئي رهيو هو ته عوام جي راءِ مڃو، اڄ اها ئي ڳالهه نوازشريف به ڪري رهيو آهي، هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ اصل امتحان هوندو، جيڪڏهن ن ليگ ڪنٽونمينٽ بورڊ چونڊن کي مڃي ٿي ته پوءِ ايندڙ عام چونڊ نتيجن کي به مڃڻو پوندو، ن ليگ ان ڊگهي ملاقات جي خبر شيئر ناهي ڪئي، نوازشريف آف دي رڪارڊ نه رکيو، نوازشريف اهم سوال اٿاريو آهي، بلڪه هو لنڊن ۾ ڪافي، بسڪيٽ، موسم انجواءِ ڪندي پاڪستان جي سياسي ۽ معروضي حالتن ۽ پنهنجي پارٽي جي معاملن تي به مڪمل گرفت رکيو ويٺو آهي، کيس واهه ڪينٽ جي مقامي اميدوارن جي نالن جي به خبر هئي، هو لنڊن علاج جي غرض سان نه مجبوري سبب ويو آهي، ان مجبوري جو هو اظهار به ڪندو رهندو آهي، سندس پاڪستاني معاملن بابت مڪمل باخبر رهڻ سياسي مخالفن لاءِ خراب خبر آهي، هن چيو ته نوازشريف جون آئين جي بالادستي، طاقتور حلقن کي سياست کان پاسيرو رهڻ جون ڳالهيون ٺيڪ آهن، سندس چوڻ هو ته رياستي ادارا حدن ۾ رهي ڪم ڪن ته پاڪستان ترقي ڪندو، هن چيو ته نوازشريف چيو ته مان ڄاڻڻ چاهيان ٿو ته اسان کي ته تازين چونڊن ۾ وڌيڪ ووٽ پيا پر اهي ڪهڙا پاڪستاني آهن جيڪي انهن حالتن ۾ به عمران خان کي ووٽ پيا ڏين، مون کي پڪ آهي ته انهن جو انگ گهٽ آهي، هن چيو ته نوازشريف جي ان بيان جو مطلب ته کين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، سندس اهو سوال معني رکي ٿو، سندس خيال آهي ته اڃا به ڪجهه فورسز پي ٽي آءِ جي ناڪامي باوجود سندس پٺڀرائي ڪري رهيون آهن، اهي قوتون ايندڙ عام چونڊن ۾ به رستي روڪ ڪري سگهن ٿيون پر اسان جو رستو نٿو روڪي سگهجي، هن چيو ته نوازشريف هينئر کان گوڙ ان ڪري شروع ڪيو آهي ته جيڪي قوتون چونڊ نتيجن تي حاوي ٿينديون آهن اهي ايندڙ چونڊن ۾ گڙٻڙ ڪري سگهن ٿيون، ڪنٽونمينٽ بورڊ چونڊن ۾ نيوٽرل رهي انهن رڳو” نيڪ نامي“ ڪمائي ته جيئن ايندڙ چونڊن ۾ مٿن آڱريون نه کڄن، هن چيو ته نوازشريف جن ماڻهن بابت سوال اٿاريو آهي اهي سرڪاري ملازم آهن جيڪي هن نظام مان فائدو ماڻيندڙ آهن، اهي لکن ۾ آهن، هن چيو ته ن ليگ ۾ ڏڦيڙ جا امڪان دم ٽوڙي ويا آهن، نوازشريف پنهنجي اصولي موقف تي اڃا به قائم آهي، هن(نوازشريف) جنرل عاصم سليم باجوه جو نالو وٺڻ بنا چيو ته هو به منهنجي خلاف سازش ڪندڙن سان گڏ بيٺو هو، هو ٿوري احتياط ۽ سمجهداري سان هلي رهيو آهي، ايندڙ عام چونڊون ن ليگ لاءِ وڏو چئلينج هونديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.