پيٽرول هڪ رپيو ۽ ڊيزل ساڍا 10 رپيا في ليٽر مهانگو ڪرڻ جي سمري تيار

اسلام آباد(م ڊ) حڪومت پاران هڪ ڀيرو ٻيهر مهانگائي جو بم ڪيرائڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن، پيٽرليم شين جي اگهن ۾ 5 کان 10 رپين تائين واڌ تي غور ڪيو پيو وڃي، ان حوالي سان اوگرا سمري پيٽروليم ڊويزن ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي.ذريعن موجب اوگرا پيٽرول جي اگهه ۾ في لٽر تي هڪ رپيو واڌ جي تجويز ڏني آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ ساڍا 10 رپيا في لٽر مهانگو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته گاسليٽ جي 5 رپيا ۽ لائيٽ ڊيزل جي اگهه ۾ ساڍا 5 رپيا في لٽر واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي. ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جوفيصلو وزيراعظم جي مشاورت کانپوءِ ڪندي، جڏهن ته اوگرا ان حوالي سان سمري پيٽروليم ڊويزن کي اماڻي ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.