هٿيارن جو استعمال ۽ تربيت جنگي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اهم آهي: آرمي چيف

راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته هٿيارن جو استعمال ۽ تربيت جنگي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اهم آهي، آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پنو عاقل جو دورو ڪيو، ان دوران کيس پاڪ فوج جي پيشيواراڻين تيارين ۽ صحرائي تربيت بابت بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف جوانن سان ملاقات به ڪئي ان دوران جوانن جنگي مشقن جو به مظاهرو ڪيو، آرمي چيف فيلڊ فائرنگ ۽ صالح پٽ رينج ۾ تربيتي مشقن جو مشاهدو به ڪيو ۽ جنگي تيارين، تربيتي معيار ۽ مشقن کي ساراهيو. آرمي چيف پنو عاقل جي ڳوٺ ڏاتر ڏنو ۾ شهيد سپاهي حزب الله جتوئي جي خاندان سان به ملاقات ڪئي، ان دوران آرمي چيف شهيد سپاهي جي خاندان کان حال احوال ورتا ۽ وطن جي دفاع لاءِ قرباني ڏيندڙ شهيدن جي خاندانن جي بهتر ڪفالت کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.