قنڌار ۾ فوجي ڪالوني خالي ڪرڻ جو حڪم، طالبان خلاف هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا

ڪابل(م ڊ) افغان طالبان اڳوڻن فوجين جي ڪالوني فوري خالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جنهن خلاف طالبان جي ڳڙهه قنڌار ۾ طالبان خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. گورنر  هائوس ٻاهران ڪيل ان مظاهري ۾ معصوم ٻارڙا به شريڪ ٿيا، هڪ اندازي موجب احتجاج ۾ ٽن هزارن کان وڌيڪ ماڻهو شريڪ ٿيا. احتجاج ۾ اهي ماڻهو به شامل هئا، جن کي طالبانن علائقي مان مان نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي.هڪ اڳوڻي حڪومتي اهلڪار موجب طالبانن قنڌار جي هڪ فوجي ڪالوني جي رهواسين کي فوري طور تي علائقو خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، جنهن ۾ کين چيو ويو آهي ته هو ٽن ڏينهن اندر علائقو خالي ڪري نڪري وڃن. جنهن کانپوءِ متاثر روڊن تي نڪري آيا، جن احتجاج ڪري گورنر هائوس ويندڙ رستو بند ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته ان ڪالوني ۾ رهائش پذير اڪثر رٽائر فوجي آفيسر آهن، جن ۾ ڪيترائي رٽائرڊ جرنيل به شامل آهن.چيو وڃي ٿو ته ان ڪالوني ۾ ماڻهو 30 سالن کان ويٺل آهن، جن کي گهر خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.