”گرفتاري جو ڊپ“ ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلر جو آپگهات

ڪراچي(رپورٽ:حفيظ ڦلپوٽو) ڪراچي جي علائقي  اورنگي ٽائون ۾ گرفتاري  جي خوف کان ٽارگيٽ ڪلر پاڻ کي گولي هڻي آپگهات  ڪري ڇڏيو،پوليس جو چوڻ آهي ته ٽارگيٽ ڪلر شاهين پاڻ کي گولي هڻي آپگهات ڪيو، جنهن جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي،پوليس مطابق شاهين بهاري خط ۾ لکيو آهي ته هو پوليس ڇاپن کان تنگ 7 پريشان ٿي خودڪشي ڪري رهيو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته آپگهات ڪندڙ ٽارگيٽ ڪلر شاهين ساٿي آصف سان گڏجي پوليس آفيسر کي شهيد ڪيو هو،پوليس جو چوڻ آهي ته ٽارگيٽ ڪلرپنهنجي ساٿي آصف ڀيا سان گڏ 28 آگسٽ تي اي ايس آءِ اڪرم خان کي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪيو هو، پوليس آفيسر سهائي عزيز چيو ته  گذريل ڏينهن جوابدار جي ساٿي آصف ڀيا کي رينجرز ۽ پوليس گرفتار ڪيو هو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.