ڪورونا کي مهانگائي جو جوازڄاڻائڻ مذاق آهي: شازيا مري

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شازيا  عطا مري چيو آهي ته وزيراعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين جو بيان مذاق ۽ نسوري ڪوڙ تي مبني آهي شوڪت ترين ڪورونا کي بهانو ڄاڻائي وڌندڙ مهانگائي  تي عوام کي ڪوڙيون سمجھاڻيون ڏئي رھيو آهي، هڪ بيان ۾  هن  چيو ته نيازي جي سليڪٽڊ حڪومت کنڊ ۽ ڪڻڪ جو بحران پاڻ پيدا ڪيو آهي سستي کنڊ ۽ ڪڻڪ برآمد ڪري وري درآمد ڪئي وئي جڏهن ته زرعي ملڪ ۾ کنڊ ۽ ڪڻڪ جو مھانگو ھجڻ حڪومت جي نااهلي کي ثابت ڪري ٿو، ھن شوڪت ترين کان سوال ڪندي چيو ترين صاحب ڇا پيٽرول ، گئس ۽ بجلي جي قيمتن جو تعين به ڪورونا ڪري رھي آهي ۽ ڇا ايل اين جي خريداري ۾ دير جو ڪارڻ به ڪورونا آهي، ھن وڌيڪ چيو ته انساني زندگيءَ بچائيندڙ دوائن جو مھانگو ٿيڻ سان ڪورونا جو ڪھڙو تعلق آهي ؟

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.