جي ڊي اي پاران سرگرم ٿيڻ جو فيصلو، سنڌ ۾ ڪرپشن عروج تي آهي: پير پاڳارو

ڪراچي( رپورٽ:الطاف چنا) سنڌ ۾ پ پ خلاف مضبوط اتحاد لاءِ ڪنگري ھائوس ۾ جي ڊي اي جي ڪور ڪميٽي ۽ اتحادي جماعتن جي اهم بيٺڪ لڳائي وئي. پيرپاڳاري جي صدارت ھيٺ ڪنگري هائوس اندر موجوده  سياسي صورتحال تي غور ويچار ڪرڻ لاءِ جي ڊي اي ميمبرن سميت اتحادي جماعتن جي اڳواڻن کي به دعوت ڏني وئي، ڪنگري هائوس ۾ ٿيندڙ اهم اجلاس ۾ ذوالفقار مرزا، راشد محمود سومرو، مخدوم محسن، علي گوهر خان مهر، غوث بخش خان مهر، سينيٽر صفدر عباسي، ايم پي معظم عباسي،نصرت سحر عباسي ۽ عادل خان انڙ سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ضلعي تعلقي يوسي سطح تي تنظيم سازي ڪري تنظيمي ڍانچو پورو ڪيو ويندو جنهن بعد ايندڙ بلدياتي اليڪشن  ۾ پنهنجا اميدوار بيھاريا ويندا سنڌ اندر ڪرپشن جي بازار عروج تي پھتل آهي ڪرپشن خلاف آواز اٿاري احتجاج ريڪارڊ ڪرايو ويندو اجلاس ۾ پي ٽي آءِ کان ناراض اڳواڻن به شرڪت ڪئي اجلاس ۾ جي ڊي اي اڳواڻن چيو ته افواھ ھلي رھيا آهن ته ڪجهه اڳواڻ جيڪي پي ٽي آءِ ۾ شرڪت ڪرڻ وارا آهن ان جي ترديد ڪيون ٿا پير پاڳاري چيو ته سنڌ جي ماروئڙن جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ لاءِ جي ڊي اي اڳواڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪن اسيمبلي اندر سنڌ جي ماڻهن جو آواز بڻجي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن پ پ پ حڪومت گذريل 13 سالن کان سنڌ جي غريب مسڪين عوام کي مھانگائي ڪرپشن بيروزگار ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه نه ڏنو آهي ھميشھ سنڌ جي عوام جو رت چوسيو آهي اجلاس ۾ اھو به  طئي ڪيو ويو ته سنڌ اندر پ پ کي ٽف ٽائم ڏيڻ لاءِ ضلعي سطح تي تنظيم سازي کي ڪئي ويندي ۽ پ پ مخالف سياسي اڳواڻن کي گڏ ڪيو ويندو،ان موقعي تي راشد محمود سومرو حامي ڀريندي چيو ته جي يو آئي جي ڊي اي جو سنڌ ۾ مڪمل ساٿ ڏيندي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.