شفاف چونڊن لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو استعمال ضروري آهي: شبلي فراز

اسلام آباد (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته آزاداڻي، صاف ۽ شفاف چونڊن لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو استعمال ضروري آهي، ترقي يافته ملڪن جو خواب چونڊ نظام ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال کان سواءِ پورو نٿو ٿي سگهي، اپوزيشن چونڊ سڌارن لاءِ سنجيده ناهي، اپوزيشن جماعتون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کي ڏسڻ کان اڳ ئي ان تي اعتراض اٿاريا آهن، اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته اپوزيشن جماعتن کي چونڊ سڌارن لاءِ سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.