طالبان دهشتگرد آهن ته نهرو۽ گانڌي به دهشتگرد آهن: دارالعلوم ديوبند

ديوبند( م ڊ) ڀارت ۾ قائم تاريخي مدرسي دارالعلوم ديوبند جي مهتمم مولانا ارشد مدني طالبان جي حمايت ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن طالبان دهشتگرد آهن ته نهرو۽ گانڌي به دهشتگرد آهن. مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي دارالعلوم ديوبند جي مهتمم مولانا ارشد مدني چيو ته جيڪڏهن غلامي جون زنجيرون ٽوڙڻ دهشتگردي آهي ته پوءِ جواهر لال نهرو، گانڌي ۽ ابوالڪلام آزاد به اهو ڪم ڪيو هو. ڇا اهي دهشتگرد هئا. هن چيو ته طالبان کي ڄاڻو ئي نه ٿا ته هو غلامي قبول ناهن ڪندا. هن چيو ته جيڪڏهن افغانستان ۾ هر ڪنهن جي عزت محفوظ رهي ٿي ۽  اقليت ۽ اڪثريت لاءِ ڌار پئمانا نه هوندا ته بهترين حڪومت هوندي. 03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.