اتر وزيرستان ۾ آپريشن، 2 دهشتگرد مارجي ويا

 

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان جي علائقي دته خيل ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري ٻڌايو ته آپريشن دوران فائرنگ ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا، دهشتگردن جي ٺڪاڻي مان هٿيار ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن.

آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ وڌيڪ دهشتگردن جي امڪاني موجودگي سبب آپريشن جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.