جعلي ڊگريون: قانون جي تعليم جي معيار تي ڪميٽي لاءِ وڪيلن جا نالا طلب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جعلي ڊگري ۽ لا ڪاليجز جي معيار لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو اشارو ڏيندي بار ڪائونسلز کان وڪيلن جا نالا طلب ڪري ورتا.

سپريم ڪورٽ ۾ وڪيلن جي جعلي ڊگرين بابت فيصلي تي عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران قائم مقام چيف جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته عدالت معاملو اڪلائڻ چاهي ٿي، سپريم ڪورٽ رڳو وڪيلن جي مدد ڪري سگهي ٿي.

قائم مقام چيف جسٽس چيو ته ڪيسن کي وڪيلن جو تعليمي معيار بهتر ڪرڻ لاءِ ٻڌو ويو هو، اڃا تائين سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ناهي ٿي سگهيو، پاڪستان بار ڪائونسل کي سڄي عمل جو جائزو وٺڻ گهرجي.

وڪيل عامر علي شاهه چيو ته سپريم ڪورٽ جعلي ڊگرين تي جي آءِ ٽي جوڙي، وڪيلن ۾ جعلي ڊگرين وارو هڪ لشڪر بڻجي چڪو آهي، جنهن تي جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته وڪيل امتحانن سان نه تجربي سان ٺهندا آهن.

قائم مقام چيف جسٽس چيو ته معاملي تي ڪميٽي جوڙينداسين، بار ڪائونسلز نالا تجويز ڪن، گڏوگڏ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.