قومي ڪرڪيٽ ٽيم 5 ورهين جو کانپوءِ بنگلاديش جو دورو ڪندي

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اعلان ڪيو آهي ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم 5 سالن کانپوءِ بنگلاديش جو دورو ڪندي.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم بنگلاديش ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ۽ 2 ٽيسٽ ميچون کيڏندي، ٻئي ٽيسٽ ميچون آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو حصو هونديون.

دوري ۾ شامل سموريون ٽي ٽوئنٽي ميچون ڍاڪا ۾ کيڏيون وينديون، اهي ميچون 19، 20 ۽ 21 نومبر تي کيڏيون وينديون.

ٻنهي ٽيمن ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 26 کان 30 نومبر تائين چٽاگانگ، جڏهن ته ٻي ميچ 4 کان 8 ڊسمبر تائين ڍاڪا ۾کيڏي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.