بلاول پنهنجي ماءُ کي انصاف نه ڏياري سگهيو ته ٻين کي ڪهڙو انصاف ڏياريندو؟

 

ملير (ويب ڊيسڪ) جميعت علماءِ اسلام سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومري چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ماءُ کي انصاف نه ڏياري سگهيو ته ٻين کي ڪهڙو انصاف ڏياريندو؟

سنڌي مسلم سوسائٽي ۾ سنڌ جي ٻرندڙن مسئلن تي تقريب سان خطاب ڪندي علامه راشد محمود سومري چيو ته

سنڌ ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي ۽ ڪير به محفوظ ناهي، نياڻين جون عزتون محفوظ نه آهن، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نالي تي عورتن کي سرڪاري دفترن جا چڪر ڪٽرايا ٿا وڃن، صحت جي ڪا به سهولت ناهي، سنڌ جون زمينون کپايون پيون وڃن.

هن چيو ته حڪمرانن جي ڪرپشن ۽ مهانگائي سبب عوام عذاب ۾ آهي ۽ ماڻھو ذهني مريض بڻجي ويا آھن، اجهو ويو، لٽو ويو، اٽو ويو، ھاڻ ته بي روزگار نوجوان ڊگريون ساڙي رهيا آهن، پ پ چيئرمين پنهنجي ماءُ کي انصاف نه ڏياري سگهيو ته ٻين کي ڪهڙو انصاف ڏياريندو؟

هن چيو ته عوام کي ووٽ جي اهميت کي سمجهڻو پوندو، جيستائين عوام ووٽ جو صحيح استعمال نه ڪندو مسئلا حل نه ٿيندا، سنڌ جي خوشحالي، امن ۽ ترقي لاءِ سنڌ واسي پنهنجو ووٽ جمعيت کي ڏئي اسان کي حڪومت ۾ آڻين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.