رھڙڪي ويجهو ڳوٺ نور حسن شاھ ۾ سيد برادري پاران بااثرن جي زيادتين خلاف احتجاج

رھڙڪي ويجهو ڳوٺ نور حسن شاھ ۾ سيد برادري پاران  بااثرن جي زيادتين خلاف احتجاج

رھڙڪي ويجهو ڳوٺ نور حسن شاھ ۾ سيد برادري پاران  بااثرن جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو ويو،

ان موقعي تي سيد برادري جي منظور حسين شاھه ،  سيد رياض شاهه. حسين شاهه ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بااثرن رفيق احمد ڀٽو، ۽ وڪيل احمد مهر هٿياربند ساڻ ڪري سندن گهرن  مٿان حملو ڪري انهن کي  مارڻ جو ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هنن  وڌيڪ چيو ته رفيق احمد ڀٽو، ۽ وڪيل احمد مھر جو ڀاڻ فيڪٽري ۾ نوڪري جي سودي تي ڏيتي ليتي جو مسئلو هلندڙ آهي ، جنهن سان انهن جو ڪو به واسطو ناهي، هنن چيو ته هو

اسان غريب ماڻهو آهيان جيڪڏهن اسان کي  ڪجهه به ٿيو ته  ان جا ذميوار رفيق احمد ۽ احمد مھر هوندا ، هنن آءِ  جي سنڌ ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺندي اسان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.