”شوڪت ترين نااهل وزيراعظم جي نااهلي تي پردو وجهي رهيو آهي“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شازيا مري چيو آهي ته ناڻي وارو وزير ڪورونا وائرس کي بهانو بڻائي مهانگائي جون ڳالهيون نه ڪري.

واضح رهي ته ناڻي واري وزير شوڪت ترين اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو هو ته ڪورونا وبا ۽ گهرج ۽ پهچ ۾ وقفي سبب عالمي سطح تي مهانگائي ٿي، 450 ملين ڊالرن جي ويڪسين درآمد ڪئي وئي، گهٻرائڻ جي ضرورت ناهي، واپاري خسارو ڪنٽرول ۾ رهندو، اسان کي ماڻهن جي آمدني وڌائڻي آهي، احساس پروگرام تحت اٽي، کنڊ ۽ ٻين ضروري شين تي هن مهيني ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏينداسين.

ناڻي واري وزير جي بيان تي ردعمل ڏيندي شازيا مري چيو آهي ته شوڪت ترين نالائق وزيراعظم جي نااهلي تي پردو وجهي رهيو آهي، ان جو بيان ڇرڪائيندڙ ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي.

هن چيو ترين صاحب! توهان پاڻ چوندا آهيو ته نيب خلاف ڳالهائڻ تي نوٽيس اچي ويندو آهي، آصف زرداري سچ چيو هو ته نيب ۽ ملڪي معيشت گڏ نٿا هلي سگهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.