صحافين لاءِ پريس گيلري بند ڪرڻ تي قومي اسيمبلي اسپيڪر وضاحت ڏئي ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر صحافين لاءِ پريس گيلري بند ڪرڻ جي معاملي تي وضاحت ئي ڇڏي.

گذريل ڏينهن صدر عارف علوي جي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس سان خطاب دوران صحافين لاءِ پارليامينٽ جا دَر بند ڪيا ويا هئا ۽ پريس گيلري بند ڪندي صحافين کي ڪوريج جي اجازت نه ڏني هئي، جنهن تي صحافين سخت احتجاج ڪيو هو، جڏهن ته اپوزيشن اڳواڻن پڻ صحافين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو هو.

ان ڏس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اسد قيصر چيو ته پريس گيلري بابت جيڪو به فيصلو ٿيو، اهو پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن سان گڏجي ڪيو هو، اطلاع هئا ته گڏيل اجلاس ۾ ميڊيا گيلري مان گوڙ گهمسان ٿيندو، اسان نه چاهيو ته گوڙ ٿئي ۽ ميڊيا جي دوست ۾ پاڻ ۾ وڙهي پون، ان سان هائوس ۽ ميڊيا ٻنهي جي توهين ٿي ها.

هن چيو ته پي آر اي هائوس جي نمائندا تنظيم آهي، ان کي روايت جو خيال ڪرڻ گهرجي، ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن کي بدتهذيهي جو مظاهرو نه ڪرڻ گهرجي.

هوڏانهن پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي اطلاعات سيڪريٽري ملڪ سعيد اعواڻ اسپيڪر سان ملاقات جي ترديد ڪندي چيو آهي ته اسان جي وفد اسپيڪر سان ملاقات نه ڪئي، تنهن ڪري جاچ ڪرائي وڃي ته اسپيڪر ڪهڙي وفد سان ملاقات ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.