ڪورونا: اسد عمر خوشخبري سان گڏ خبردار به ڪري ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن ۾ گهٽتائي ۽ چوٿين لهر ڪمزور ٿيندي نظر اچي رهي آهي.

صحافين کي بريفنگ ڏيندي اين سي او سي سربراهه چيو ته ايندڙ 15 ڏينهن ۾ ڪيس گهٽجڻ جي رجحان ۾ وڌيڪ استحڪام ايندو ۽ ڪيسن ۾ گهٽتائي ٿيندي، جنهن سان اسپتالن تي دٻاءُ گهٽبو.

هن چيو ته پابندين سان ڪورونا جي صورتحال بهتر ٿي، حڪومت ڪورونا پابندين ۾ گهٽتائيءَ جو فيصلو ڪيو آهي، 16 سيپٽمبر کان تعليمي ادارا به 50 سيڪڙو حاضري سان کوليا ويندا.

وفاقي وزير موجب ويڪسين نه لڳرائيندڙ شهرين لاءِ پابنديون وڌائينداسين، اهڙا ڪم جيڪي ٻين لاءِ خطرو پيدا ڪن، انهن جي روڪٿام لاءِ قدم کڻنداسين، 30 سيپٽمبر تائين ٻئي ڊوز نه لڳرائيندڙن تي سخت پابنديون هڻنداسين.

واضح رهي ته اسد عمر جي صدارت هيٺ اين سي او سي اجلاس ۾ سڄي ملڪ اندر ڪورونا صورتحال جو تفصيلي طور جائزو ورتو ويو ۽ ڪورونا جي صورتحال کي سامهون رکندي اهم فيصلا ڪيا ويا.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب ڪورونا پکيڙ وارن ضلعي کي ڇڏي سڄي ملڪ ۾ مارڪيٽون رات 10 وڳي تائين کليل رهنديون، جڏهن ته رات 12 وڳي تائين ان ڊور ۽ آئوٽ ڊور ڊائننگ جي اجازت هوندي، ويڪسينيٽڊ ماڻهن سان 200 ماڻهن جي ان ڊور تقريب جي اجازت هوندي ۽ آئوٽ ڊور 400 ماڻهن کي تقريبن ۾ شرڪت جي اجازت هوندي.

اين سي او سي جي پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته آفيسن ۾ مڪمل حاضري ۽ نارمل وقت لاڳو ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سئنيما گهر بند رهندا، ڪراٽي، باڪسنگ، ڪوڏي ڪوڏي ۽ واٽر اسپورٽس تي به پابندي برقرار رهندي پر ويڪسينيٽڊ ماڻهن لاءِ 50 سيڪڙو صلاحيت سان جمز کليل رهندا، ٽرينون 70 سيڪڙو مسافرن سان هلايون وينديون، جڏهن ته ٻاهرين ملڪن کان پاڪستان ايندڙن لاءِ سفري پاليسي برقرار رهندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.