وفاقي حڪومت تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ڪورونا ڪيسن ۾ گهٽتائي کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ 16 سيپٽمبر کان تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر ۾ گهٽتائي کانپوءِ پابندين ۾ نرميءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

اين سي او سي جو اجلاس سربراهه اسد عمر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سڄي ملڪ اندر ڪورونا صورتحال جو تفصيلي طور جائزو ورتو ويو ۽ ڪورونا جي صورتحال کي سامهون رکندي اهم فيصلا ڪيا ويا.

ان حوالي سان تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته مان اهو ٻڌائيندي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان ته 16 سيپٽمبر کان تعليمي ادارا کُلي ويندا.

واضح رهي ته اين سي او سي ڪورونا وائرس جي پکيڙ روڪڻ لاءِ ملڪ جي 24 حساس ضلعن ۾ تعليمي ادارا بند ڪيا هئا.

هوڏانهن شفقت محمود جي صدارت هيٺ تعليمي منصوبن بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هڪ قومي نصاب، وفاقي تعليمي ادارن جي مسئلن ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن بين الصوبائي تعليمي وزيرن جي ڪانفرنس ۾ ڏهين ۽ ٻارهين درجي جي شاگردن کي پاس ڪرڻ جو فيصلو به ڪيو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.