ڪنٽونمينٽ چونڊن جي نتيجن تي وزيراعظم کي ڳڻتي، تفصيلي رپورٽ طلب

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ڪنٽونمينٽ چونڊن جي نتيجن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ڪنٽونمينٽ جي حوالي سان اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزير، پارٽي قيادت ۽ ذميوارن شرڪت ڪئي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ڪنٽونمينٽ ۾ تحريڪ انصاف جي ڪارڪردگي تي غور ڪيو ويو ۽ وزيراعظم پنجاب جي ڪيترن ئي علائقي ۾ نتيجن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو.

ذريعن موجب وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪنٽونمينٽ چونڊن جي نتيجن بابت تفصيلي رپورٽ ڏني وڃي ۽ ڏکڻ، وچ ۽ اتر پنجاب جي الڳ الڳ رپورٽ ٺاهي وڃي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم سڀاڻي لاهور ۾ به اجلاس جي صدارت ڪندو.

واضح رهي ته ن ليگ ڪنٽونمينٽ چونڊن ۾ پنجاب ۾ ميدان ماري ورتو آهي، پنجاب جي مختلف ڪنٽونمينٽ بورڊز جي سڀني 113 وارڊن جي غير سرڪاري نتيجن موجب ن ليگ 51 سيٽن سان پهرئين نمبر تي رهي، جڏهن ته آزاد اميدوارن 32، پي ٽي آءِ 28، جماعت اسلامي ٻن وارڊن ۾ ڪاميابي ماڻي پر پ پ هڪ به سيٽ حاصل نه ڪري سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.