فيس بوڪ تي به بااثرن ۽ عام واهپيدارن ۾فرق جو انڪشاف

 

مارڪ زڪربرگ چيو آهي ته انهن جي سوشل نيٽ ورڪ جي اصولن جو لاڳو ٿيڻ سڀني واهپيدارن لاءِ برابري جي بنيادن تي ٿيندو آهي، پر فيس بوڪ جي لکين واهپيدار تي انهن قانونن جو به عمل ناهي هوندو.

اهڙي دعويٰ وال اسٽريٽ جرنل جي هڪ نئين رپورٽ ۾ ڪئي وئي آهي.

رپورٽ موجب فيس بوڪ جو هڪ ڳجهو اندريون نظام آهي جيڪو 58 واهپيدارن تي سوشل نيٽورڪ جي اصولن کي لاڳو ڪرڻ ناهي ڏيندي.

آمريڪي ميگزين جي رپورٽ ۾ سموريون تفصيلون ٻڌايون ويون آهن ته ڪهڙن بااثر، مشهور ۽ خبرن ۾ رهندڙ هاءِ پروفائل واهپيدارن خلاف اصولن جي ڀڃڪڙين تي اهي قدم ناهن کنيا ويندا جيڪي عام واهپيدارن لاءِ هوندا آهن.

رپورٽ ۾ ڪمپني جي دستاويزن جي بينادن تي ٻڌايو ويو آهي ته فيس بوڪ جي هڪ اڳوڻي ملازم هڪ ميمو ۾ ٻڌايو ته ڪمپني طرفان طاقتور ڪردارن کي ڇوٽ ڏني وئي آهي.

شخصيتون جهڙوڪ اڳوڻو ڊونلڊ ٽرمپ، فٽبالر نيمار جونيئر، آمريڪي سينيٽر ايليزبٿ وارن ۽ ٻين جي پوسٽن کي ان ڳجهي سسٽم ذريعي ڪور ڪيو ويندو آهي.

ان سسٽم کي ايڪس چيڪ يا ڪراس چيڪ جي نالن سان سڏيو ويندو آهي، ان جي جوڙجڪ فيس بوڪ جي انساني ۽ اي آءِ موڊريشن پراسيس جي صلاحيت محدود هجڻ تي ڪئي وئي.

پر رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ان ڳجهي سسٽم جي ڪري ڪمپني لاءِ ٻيا مسئلا پيدا ٿيا.

جي واهپيدارن کي ان سسٽم جو حصو بڻايو وڃي ها ته موڊريٽرز لاءِ انهن خلاف ايڪشن کڻڻ وڏو ڏکيو بڻجي وڃي ها.

مثال نيمار جونيئر پاڻ تي زيادتي جو الزام هڻندڙ عورت سان ٿيندڙ واٽس ايپ چيٽ کي فيس بوڪ ۽ انسٽاگرام اڪائونٽ تي پوسٽ ڪيو.

ان اسڪرين شارٽ ۾ عورت جو نالو ۽ نامناسب تصويرون به شامل هيون، جنهن کانپوءِ فيس بوڪ اها پوسٽ ڊليٽ ڪري ڇڏي.

پر ڇو ته نيمار جونيئر کي ايڪس چيڪ تحت ڪور ڪيو ويندو هو ته موڊريٽرز کي ان جو مواد هٽائڻ کان روڪيو ويو جنهن کي ڊليٽ ڪرڻ تائين 5 ڪروڙ 60 لک ماڻهو ڏسي چڪا هئا.

دستاويزن موجب ايڪس چيڪ 10 سيڪڙو کان به گهٽ مواد تي نظرثاني ڪندو آهي.

فيس بوڪ جي ترجمان ٻڌايو ته اهڙي شرح ۾ 2020 ۾ واڌ ٿي پر ان حوالي سان شاهديون پيش نه ڪيون ويون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.