افغانستان جي نئين آرمي چيف عهدو سنڀالي ورتو

 

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي نئين آرمي چيف قاري فصيح الدين باضابطا طور ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن.

طالبان جي ڪنٽرول کانپوءِ افغانستان جي نگران ڪابينا ۽ ٻين ادارن جي سربراهن جو اعلان ڪيو ويو هو.

ان اعلان موجب طالبان جي سينيئر ڪمانڊر قاري فصيح الدين کي آرمي چيف مقرر ڪيو ويو آهي.

تنهن هوندي به اڄ افغانستان جي سرڪاري نيوز ايجنسي موجب افغان آرمي چيف قاري فصيح الدين پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي آهي ۽ هن باقائدا آفيس وڃڻ به شروع ڪري ڇڏيو آهي.

سرڪاري نيوز ايجنسي طرفان جاري ڪيل تصوير ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته قاري فيص الدين عام شهري جي لباس ۾ آفيس جي مرڪزي ڪرسي تي ويٺل آهي ۽ ان جي آسپاس سندس ٻيا ساٿي موجود آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.