اليڪشن ڪميشن طرفان نوٽيس جو فيصلو: فواد چوڌري جي ڪَن تي جونءَ به نه سُري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري اليڪشن ڪميشن طرفان نوٽيس جي فيصلي تي ردعمل جو اظهار ڪري ڇڏيو.

ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته اليڪشن ڪميشن جو احترام پنهنجي جاءِ تي پر شخصيتن جي سياسي ڪردار تي ڳالهائڻ پسند نه اٿوَ ته پنهنجو ڪنڊڪٽ غير سياسي رکو.

هن چيو اليڪشن ڪميشن طرفان نوٽيس آيو ته تفصيلي جواب ڏينداسين، اداري جي حيثيت سان اليڪشن ڪميشن جي حيثيت خاص آهي پر شخصيتون غلطين کان مٿانهيون نه ٿيون ٿي سگهن، تنقيد شخصيتن جي ڪنڊڪٽ تي ٿيندي آهي اداري تي نه.

واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان الزامن تي وفاقي وزيرن فواد چوڌري ۽ اعظم سواتي کي نوٽيس ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي معاملي تي سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ وفاقي وزير اعظم سواتي اليڪشن ڪميشن تي الزام هڻندي چيو هو ته ادارو حڪومت جو مذاق اڏائي رهيو آهي، اليڪشن ڪميشن سدائين ڌانڌلي ڪندي آهي، توهان دوزخ ۾ وڃو، اهڙن ادارن کي باهه ڏئي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن ملڪ جي جمهوريت کي تباهه ڪرڻ جي ضامن آهي.

پوءِ وفاقي وزير فواد چوڌري پڻ پريس ڪانفرنس ۾ اليڪشن ڪميشن تي الزام هنيا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.