گڏيل قومن دنيا کي طالبان سان سهڪار جي اپيل ڪري ڇڏي

جنيوا (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس عالمي برادري کي طالبان سان سهڪار جي اپيل ڪري ڇڏي.

جنيوا ۾ افغانستان لاءِ ڊونر ڪانفرنس سان خطاب ڪندي انتونيو گوتريس چيو عالمي برادري کي اپيل آهي ته اها طالبان سان گڏجي ڪم ڪري.

سندس موجب جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته اتي انساني همدردي جي بنياد تي امداد جي فراهمي نه ڪري سگهبي.

واضح رهي ته افغانستان جا پاڙيسري ملڪ پاڪستان ۽ چين اڳ ئي ان ملڪ ۾ امداد پهچائڻ جو سلسلو شروع ڪري چڪا آهن پر ڪيترائي اولهه ملڪ اڃا تائين ان معاملي تي خدشن جو شڪار آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.