”ٿورو پاڻي ته ڀري اچو“، ڪنوار گهوٽ کي ڏٺو ڏئي کِسڪي وئي

 

شادي کانپوءِ  نئين ڪنوار کي مڙس سان ناز نخرا ڪندي ته سڀ ڪنهن ٻڌو ئي هوندو، شادي جي رات کان ويندي شروعات جا ڪجهه ڏينهن ڪنوار پنهنجي مڙس کان ناز ڪندي مختلف ناز ۽ نخرا ڪندي رهندي آهي جنهن جو سبب ٻنهي ۾ پيار جو هجڻ به هوندو آهي.

پر ڪنوار جي نازن نخرن جي حوالي سان ڀارت ۾ هڪ انوکو واقعو پيش آيو آهي.

غير ملڪي ميڊيا رپورٽ موجب ڀارتي رياست اتر پرديش جي ضلع مين پوري ۾ نئين ڪنوار ساهرين وڃڻ مهل مڙس کي پاڻي ڀري اچڻ جو چئي سڄو سون زوير ۽ ڪيش رقم کڻي کسڪي وئي.

راجو نالي شخص جي شادي ڪنهن ٽئين ماڻهو جي ڪوششن سان گذريل مهيني طئي ٿي هئي، شادي کان اڳ ڪنوار جي والدين گهوٽ جي وارثن اڳيان اهو شرط رکيو ته انهن جي ڇوڪري جي راجو سان شادي ان وقت ڪئي ويندي جڏهن اهي ڇوڪري جي وارثن کي 80 هزار رپيا ڏيندا.

رپورٽ موجب راجو جي گهروارن کي به وڏي عرصي کان ڪا ڪنوار نه پئي ملي تنهنڪري اهي ان شرط تي راضي ٿي ويا، جنهن کانپوءِ ٻنهي جي شادي ڪرائي وئي.

شادي جي موقعي تي گهوٽ جي گهروارن طرفان گهرواري لاءِ ڪپڙا، زيور ۽ گهڻن تحفن جو به انتظام ڪيو ويو، رخصتي کانپوءِ راجو پنهنجي نئين ڪنوار کي پنهنجي گهر وٺي وڃڻ جي لاءِ بس ۾ سوار ٿي هليو.

ان دوران هڪ بس اسٽاپ تي پهچي نئين ڪنوار پنهنجي مڙس کي چيو ته مونکي اڃ لڳي آهي، پاڻي جي بوتل وٺي اچو، راجو جڏهن پاڻي جي بوتل وٺي بس جي سيٽ تي پهتو ته وائڙو ٿي ويو ۽ ڏٺو ته انجي ڪنوار سمورن تحفن ۽ سون زيورن سميت فرار ٿي چڪي آهي.

گهوٽ طرفان ڪنوار جي وارثن تي اهڙي واقعي بعد ڌوڪيبازي جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.