معذور ناريءَ کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري نه ڪرڻ تي نادرا چيئرمين عدالت طلب

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ معذور ناري کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري نه ڪرڻ تي نادرا چيئرمين ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي طلب ڪري ورتو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ معذور ناري روبينا کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ جاري نه ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي.

درخواست گذار جي وڪيل چيو ته پيءَ بنا معذور ڇوڪري کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو، روبينا جي ننڍپڻ ۾ ئي پيءُ کيس ۽ گهرواري کي ڇڏي هليو ويو هو.

وڪيل موجب ڇوڪري وٽ معذوري جو سرٽيفڪيٽ موجود آهي ۽ قومي سڃاڻپ ڪارڊ نه هجڻ سبب ڪورونا ويڪسين جي سلسلي ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، هوءَ سفر ڪرڻ ۽ بئنڪ اڪائونٽ کولرائڻ ۾ به ڏکيائين کي منهن ڏئي رهي آهي.

وڪيل جي دليلن تي عدالت نادرا چيئرمين ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي ڌرين کان ٻن هفتن ۾ جواب گهري ورتو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.