ڪنڊيارو ۾ والي بال ميچ ، ٽانوري اليون جي ٽيم راند پنهنجي نالي ڪري ورتي

ڪنڊيارو جي عيد گاهه گرائونڊ ۾ والي بال جي ھڪ ميچ ٿي گذري جنهن ۾ ڪنڊيارو ۽ ھالاڻي جي ٻن ٽيمن حصو ورتو ڪنڊيارو مان  هڪڙِي ٽيم ٽانوري اليون  ۽ ٻي ٽيم سولنگي اليون ھئي جن ۾ سنڌ جي مشھور رانديگرن حصو ورتو۔ ميچ ۾ سولنگي اليون جي ٽيم 18 اسڪور  ڪيو، جڏھن ته ٽانوري اليون جي ٽيم 22 اسڪور ٺاھي راند پنھنجي نالي ڪري ورتي۔ ان موقعي تي  ونر ٽيم کي  عبدالرحيم مڱريو،احمد خان نانگراج وڏيري ذوالفقار لاکير وڏيري افضل ڪلھوڙي ۽ ابوبڪر مڱريو سميت ٻين پاران ڪيش ڏھ ھزار انعام طور ڏنا ويا ان موقعي تي ڪنڊيارو ۽ ان جي آس پاس جي علائقن مان ھزارين شوقين پڻ راند ڏسڻ لاءِ پھتل ھئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.